رامداسي ملهار

رامداسي ملهار: هيءَ ڪافي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، هن ۾ ٻئي گنڌار ۽ ٻئي نکادون استعمال ٿين ٿيون. تيور گنڌار ۽ تيور نکاد صرف آروهي ۾ استعمال ٿين ٿيون. هن جي تان، ماماما. ماگي، پا، ماپا، ما، گا، ماري، ري، پاڌي ماپا، گا، گا، ماري سا، ني سا آهي. هن جي آروهي ني ساري گي ما، پا گا ما، ني پاني سا آهي ۽ امروهي سانا ڌي، ناپاگا، ماري سا اٿس، جڏهن ته وادي سُر مڌم ۽ سموادي سُر کرج آهي. هن راڳڻيءَ جي ڳائڻ جو ڪو خاص وقت مقرر نه آهي. ڪنهن به وقت پابنديءَ کانسواءِ ڳائي سگهجي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو